عمرڪوٽ تحريڪ انصاف صوبي سنڌ جي صدر سرينه عدنان، تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪنول اعجاز رنڌاوا

عمرڪوٽ تحريڪ انصاف صوبي سنڌ جي صدر سرينه عدنان، تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪنول اعجاز رنڌاوا، تحريڪ انصاف خواتين ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر روبينه قائمخاني، حيدرآباد ڊويزن جون عهديدار نازش فاطمه، مهرالنساء بلوچ ۽ ٻين عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ ڊي.آر.او. عمرڪوٽ پاڪستان پيپلز پارٽي سان ملي ڪري ناانصافيون پيا ڪن، هنن چيو ته 15 اپريل تي ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جيڪو جلسو رکيو ويو هو، ان جي اجازت اسان کي نه ڏني وئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اهو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، هنن چيو ته سنڌوءَ درياهه بچاءُ ڪاميٽي ۽ ٻين جماعتن جي گڏيل اميدوار تحريڪ انصاف جي لال مالهي جي حمايت لاءِ آيا آهيون، عمرڪوٽ تاريخي، پسمانده محبت ڪندڙ ۽ بهادر ماڻهن جو شهر آهي، هاڻ غريب عوام جاڳي چڪي آهي، ۽ اهي سنڌ جي هزارين سالن جي قديم، تاريخي ۽ ثقافتي علامت مور پکي کي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ عوام مور سان محبت ڪري ٿي، هنن چيو ته اسان ڊي.آر.او. جي آفيس اڳيان ڌرڻو ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍنداسين، سنڌ حڪومت جيڪا سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪري رهي آهي، ان جي شروعات ڪراچي کان ٿي ۽ هاڻ عمرڪوٽ تائين اچي وئي آهي، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪڍيل ڇهه ڪئنال رد ڪيا وڃن، اسان جي پارٽي قومي اسيمبلي ۾ قراردادون منظور ڪرايون آهن ته ڪئنال نه ڪڍيا وڃن ۽ ملڪ کي افراتفري کان بچايو وڃي، نه ته خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا، هنن چيو ته عمرڪوٽ ۾ 17 اپريل تي عوام، عورتون، نوجوان ۽ بزرگ مور تي ٺپو هڻي سنڌ دشمنن کي شڪست ڏيندا.