سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ قومي اسيمبلي جي حلقي اين اي 213 جي ضمني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، جي ڊي اي ۽ سنڌون دريا بچايو

عمرڪوٽ قومي اسيمبلي جي حلقي اين اي 213 جي ضمني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، جي ڊي اي ۽ سنڌون دريا بچايو ڪميٽي ۾ شامل مختلف سياسي،قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جي گڏيل اميدوار لال مالهي پاران ماروي گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ خلاف ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پسنديده عملي جي مقرري جي خلاف مالهي هائوس مان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ضلعي ريٽرننگ آفيسر عمرڪوٽ جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ مهرالنساء بلوچ، جي ڊي اي اڳواڻ خضر حيات منگريو سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لال مالهي ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي حلقي اين اي 213 جي 151 پولنگ اسٽيشنن تي پ پ جي ملي ڀڳت سان پسنديده عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو غيرقانوني عمل آهي ۽ پ پ پاران ڌانڌلي جي شروعات آهي. ڇهه ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهڻ بعد مظاهرين جا مطالبا مڃيا ويا، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ مظاهرين پرامن طريقي سان منتشر ٿي ويا

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button