دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ شاخن جي کاٽي نٿي سگھي ڪيترن سالن کان کاٽي جو لپو نه لڳڻ سبب شاخون لٽجي ويون

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ شاخن جي کاٽي نٿي سگھي ڪيترن سالن کان کاٽي جو لپو نه لڳڻ سبب شاخون لٽجي ويون شاخن مان غيرقانوني طور مٽي پڻ کڄڻ لڳي آھي شاخن جي ڪنارن تي قبضا مافيا قبضا ڪري ڇڏيا ھارين جون دانھون
تفصيل موجب وڳڻ جي ھزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪندڙ شاخن گھاڙ واھ ڪور شاخ وڳڻ شاخ ميرواھ لنڊي شاخ سنھڙو چيلو سوڀارو واھ ۽ ٻين واھن جي مالڪي نه ٿيڻ سبب شاخن ۾ واري جا دڙا ٺھي ويا جنھن ڪري سانوڻي جو پاڻي وھڻ مشڪل ٿي ويو آھي جڏھن ته شاخن جي اندران داروغن ۽ بيلدارن جي ملي ڀڳت سان مٽي کڻڻ جو سلسلو به ڪيتري وقت کان جاري ساري آھي جنھن ۾ آبپاشي عملو ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويو آھي ٻئي طرف شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي مال لاءِ پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو جڏهن ته خريف جي سارين جي ٻج جي پوکائي پڻ سخت متاثر ٿي آهي زراعت ته ٺهيو پر پيئڻ جي پاڻي جي دستيابي عام زندگي تي وڏو اثر وجهڻ لڳي آهي هتي هزارين هاري بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن زمينون بنجر ٿيڻ سبب ڪلراٺا علائقا وڌي رهيا آهن ان حوالي سان پڇڙي جي ھارين جو چوڻ ھو ته وڳڻ جي علائقي کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي شاخن کي کاٽي بنا تباھ ڪيو ويو آھي اگر کاٽي نٿي ته اسان وٽ پاڻي نه پھڇندو ۽ اسان پنھنجا فصل به پوکي نه سگھنداسين

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button