دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌ ڪوٽ 31 ڏينھن اڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد زور ڳڙه وٽان قومي شاھـراھ تان اغوا ٿي ويل چنگچي رڪشا ڊرائيور نوجوان ارشد گولو بازيابي لاء اڄ صبح کان بازيابي لاءِ

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌ ڪوٽ 31 ڏينھن اڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد زور ڳڙه وٽان قومي شاھـراھ تان اغوا ٿي ويل چنگچي رڪشا ڊرائيور نوجوان ارشد گولو بازيابي لاء اڄ صبح کان بازيابي لاءِ وارثن پاران حضور بخش گولو ـ عبدالفتاح گولو ـ نينگر جي والد اڪبر گولو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير لڳ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي قومي شاھـ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ڏھ ڪلاڪ گزري وڃڻ بعد پوليس ميڙ منٿ ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ڌرڻي سبب سنڌ ـ پنجاب ـ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏيون پڻ بيھجي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پيو انھي دوران ميڊيا سان ڳالھيندي وارثن حضور بخش گولو ـ عبدالفتع ـ لطف علي ـ محمد علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي تـ 31 ڏينھن گزرڻ باوجود بـ پوليس ڪجھـ نـ ڪيو آهي صرف ڪوڙا آسرا ڏنا آهن دلاسا ڏيئي رھي آهي ھنن چيو تـ اڳ بـ نوجوان جي بازيابي لاء روڊ بلاڪ ڪيو سين پر پوليس بازيابي لاء واعدا ڪري روڊ پڻ کولرايو پر سڄا واعدا پڻ ڪوڙا نڪتا ھنن چيو تـ ڌاڙيل نوجوان جي بازيابي لاء ڀنگ پڻ طلب ڪري رھيا آهن نـ ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آهن اسان انتھائي مسڪين آھيون اسان کي ڀنگ ڀرڻ جي طاقت نـ آهي ھنن چيوتـ اسان پوليس جي ڪوڙن دلاسن مان تنگ اچي چڪا آھيون پوليس ڏھ ڪلاڪ بعد ميڙ منٿ ڪري ٻيھر واعدا دلاسا ڏئي ڌرڻو ختم ڪرايو آهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button