دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

ڪنڌ ڪوٽ پوليس ٻن ڏوھارين کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي گرفتار ٿيلن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن

ڪنڌ ڪوٽ
ڪنڌ ڪوٽ پوليس ٻن ڏوھارين کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي گرفتار ٿيلن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن پوليس
خبر موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي ھدايت تي اي ايس پي محمد نعمان ظفر ـ ايس ايڇ او اي محمد صادق عباسي جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مشڪوڪ ماڻھن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس وقت سر ڪاروائي ڪندي ٻن ڏوھاري غازي خان ولد قادر بخش بروھي ـ محمد علي ولد پيرجان گولو کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس ترجمان موجب ٻئي خطرناڪ ڏوھاري ۽ ڏوھي سرگرمي ۾ ملوث آهن ٻنھي مٿان اردا قتل ـ ڦر ـ چوري ـ پوليس مقابلو سميت ٻين نوعيتن جا مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن غازي خان بروھي ڦرلٽ سميت مختلف ڏوھن ۾ مرڪزي ڪردار آهي جنهن مٿان 15 ڪيس داخل آهن جڏھن ته محمد علي گولو تي پنج ڪيس داخل آهن ٻنھي کان غير قانوني پسٽلون بر آمد ٿيون آهن

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button