سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪشمور شهر ۾ بدامني وڌي وئي، واپاري ڊپ ۽ ڏهڪاءَ ۾ پوليس جي ريٽ ڪمزور نظر اچڻ لڳي ھندو واپاري کان روڪ رقم ڦورو ڦر ڪري آسان سان فرار ٿي ويا

ڪشمور:
ڪشمور شهر ۾ بدامني وڌي وئي، واپاري ڊپ ۽ ڏهڪاءَ ۾ پوليس جي ريٽ ڪمزور نظر اچڻ لڳي ھندو واپاري کان روڪ رقم ڦورو ڦر ڪري آسان سان فرار ٿي ويا

ڪشمور ٿاڻي جي حد سردارو لنڪ روڊ تي ھندو واپاري دليپ ڪمار خان ٽي ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فراري ٿيڻ ۾ ڪامياب ڪشمور شهر جو امن امان ڏينهون ڏينهن بگڙجندو پيو وڃي، ڏوهاري روڊن تي بي ڌڙڪ گشت ڪرڻ لڳا آهن. هٿياربندن کي جتي به موقعو ملندو آهي، اتي ڪنھن نه ڪنھن شھري کي ڦري وڃن ٿا. موجوده صورتحال ۾ واپاري خاص طور نشاني تي آهن هڪ هفتي جي اندر شهر ۾ ٽي واپاري ڦرجي چڪا آهن، جنهن سبب ڪاروباري حلقن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. اڄ به هٿياربندن ديپڪ ڪمار کان 5 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. اهڙين وارداتن سبب شهرين ۾ خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃا تائين ڏوهارين کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. شهر جي ماڻهن ۽ واپارين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن ڪشمور ٻيهر پرامن بڻجي سگهي ياد رھي ته انھي ھفتي دوران ٽي ڦرون ڪڻڪ جي واپارين کان ٿيون آهن جڏهن ته پوليس ھن وقت تائين ڪا به ڏوھارين خلاف ڪو ايڪشن ناھي کينو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button