سنڌ جون خبرونعالمي

اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطيني مظلوم عوام سان يڪجهتي لاءِ ڪشمور جي نوجوان اتحاد پاران عيد گاه محلا کان پريس ڪلب ڪشمور تائين ريلي ڪڍي وئي

ڪشمور:
اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطيني مظلوم عوام سان يڪجهتي لاءِ ڪشمور جي نوجوان اتحاد پاران عيد گاه محلا کان پريس ڪلب ڪشمور تائين ريلي ڪڍي وئي
ريلي شھر جي مختلف رستي کان ٿيندي پريس ڪلب ڪشمور پهچي اختتام پذير ٿي

فلسطين جي مظلوم عوام سان اظهار يڪجهتي ۽ همدردي خاطر اسرائيل جي ظلم خلاف ڪشمور ۾ نوجوان اتحاد پاران
ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب ڪشمور تي پهتي جتي ريلي جي اڳواڻن ملڪ برڪت علي، فياض سولنگي ،عامر علي، سلمان، نوجوان اتحاد جي ڪارڪن شهرين سوسائٽي توڙي صحافي برادري به شرڪت ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اسراعيلي جارحيت خلاف نعري بازي ڪئي ئي مسلمان ملڪن کي اپيل ڪئي ته فلسطين جي مدد ڪري اسراعيلي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي اسلامي ممالڪ جي وڏين طاقتن جي دعوا ڪندڙ پنهنجي مظلوم فلسطيني ڀائرن معصوم ٻارن توڙي عورتن جي تحفظ نٿا ڪري سگهن افسوس جو علميو آهي جديد سائنسي دور ۾ ڪيميائي ھٿيارن سان ليس مسلمان ملڪن جا اڳواڻ خاموشي اختيار ڪري پاڻ به ظالمن سان لاڳاپن جو ڏيک ڏيئن لڳا آهن اسلامي ملڪن جي اڳواڻن کي گھرجي ته مظلوم فلسطين جي حق ۾ ظالم اسرائيل جي جارحيت کي بين القوامي نمائندگن اڳيان رکي جنگ بندي ڪرائن يا سدو جنگ جو اعلان ڪن اسين فلسطيني مسلمانن سان هر محاظ تي گڏ آهيون اسين مسلمان ڀائرن سميت هر احساس وند انسانن کي اپيل ڪيون ٿا فلسطيني مظلوم عوام جو ساٿ ڏيئي ريليون ڪڍي انهن جو ساٿ ڏيئن

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button