سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ جسقم پاران سنڌو درياءُ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف مرڪزي ڪال تي ڪنڌڪوٽ ۾ شٽربند ھڙتال ڪرائي وئي

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ جسقم پاران سنڌو درياءُ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف مرڪزي ڪال تي ڪنڌڪوٽ ۾ شٽربند ھڙتال ڪرائي وئي شھر جو سمورو ڪاروبار سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف بند رھيو مختلف بازارون ۽ روڊ رستا ويران ھيون جسقم جي ضلعي صدر والي ڏنو سنڌي، بشام خان، حفيظ سنڌي، بشير خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شھر جو گشت ڪندي باءِ پاس گولا موڙ انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو روڊ بند ھجڻ سبب عوام سميت مسافرن کي پريشاني مان گذرڻو پيو ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رھيو ڪارڪنن ڪينال سمورا نامنظور، سنڌ سان دشمني نامنظور، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا نعرا ھڻندي اڳواڻن چيو ته سنڌي پاڻي جي معاملي تي نڪري آيا آهن ھر طرف احتجاج ۽ پنجاب جا رستا روڊ بند ڪيا ويا آهن اسين مطالبو ڪيون ٿا فوري سنڌ دشمن منصوبو روڪيو وڃي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button