ڪنڌڪوٽ رسالدار ويجھو غزالي ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول روپاھ کوسو ۾ ساليانا انعامي تقريب جو پروگرام منعقد ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ رسالدار ويجھو غزالي ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪول روپاھ کوسو ۾ ساليانا انعامي تقريب جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن قومي ترانو، ملي نغمو ۽ مختلف قسم جا ٽيبلوز ۽ تقريري مقابلا ڪيا. ھن پروگرام ۾ مھمان خاص ڪوآرڊينيٽر ھيڊ محترم ارسلان سھرياڻي ۽ ماجد علي اوڳاھي پڻ ھئا. پروگرام ۾ معزز والدين پڻ شرڪت ڪئي. معززين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غزالي فائونڊيشن پٺ تي پيل علائقي جي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. مختلف ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻارڙن کي فري ۾ تعليم ڪتاب وغيره ڏيئي رهيا آهن.غزالي ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو.
پروگرام جي تياريءَ لاء اسڪول روپاھ کوسو جي ھيڊ ميڊم اقصي ولي ۽ ايڊمن محمد يوسف جي نگرانيءَ ۾ اسڪول جي ٽيم ڀرپور حصو ورتو استاد مظفر علي استاد محمد سليم استاد ولي محمد استاد عبدالحميد استاد محمد رفيق مس آمنا مس نديہ مس قائمہ ۽ پٽيوالن عبدالرزاق خالد حسين ۽ چاچا بشير جن جو وڏو ساٿ رھيو.