عمرڪوٽ شادي پلي ويجهو مال جي واڙي کي باھ وڪوڙي وئي چوپائي مال سميت اناج سڙي رک ٿي ويو

عمرڪوٽ شادي پلي ويجهو مال جي واڙي کي باھ وڪوڙي وئي چوپائي مال سميت اناج سڙي رک ٿي ويو شادي پلي ڀرسان پلي شاخ جي ڪنڌي تي قائم ڳوٺ گهمن مينگهواڙ ۾ مال جي واڙي کي اوڄتو باھ لڳي ويئي جنهن سبب جانورن جي ڊاڪٽر سومجي ميگهواڙ ،گهمن ميگهواڙ ۽ سندن ڀائرن جو مال جي واڙي اندر ٻڌل 40 جي لڳ ڀڳ ٻڪريون ۽ 2 پاڏيون باھ جي لپيٽ ۾ اچي سڙي ڪوئلو ٿي ويون۔ جڏهن ته ڪجھ مينهون ۽ ٻڪريون سڙي زخمي ٿيون آھن ٻي طرف مال کي باھ کان بچائيندي گهمن ميگهواڙ پڻ سڙي زخمي ٿي پيو آھي۔ جنهن کي علاج واسطي ميرپورخاص سول اسپتال نيو ويو آھي
هوڏانهن بروقت اطلاع باوجود پٿورو مان فائر برگيڊ گاڏي واڙو مڪمل سڙي وڃڻ بعد دير سان پهتي ۔ باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۔ رابطي تي ڊاڪٽر سومجي ميگهواڙ ٻڌايو ته مون کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي پر نقصان کان وڌيڪ بي زبان جانورن جي سڙڻ جو ڏک ان کان وڌيڪ آھي۔ آئون ان باھ واقعي کي رب جي رضا سمجهان ٿو .