سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ سڪائڻ خلاف ايس ٽي پي پاران جھول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

جهول
سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ سڪائڻ خلاف ايس ٽي پي پاران جھول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ، شاميانہ ھڻي سانگھڙ حيدرآباد وايا جھول مين روڊ تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل ، جيستائين سسي ۾ ساھ آھي ڪينال ٺاھڻ نہ ڏينداسين مختلف اڳواڻن جو خطاب ،ڌرڻي ۾ ڪئي سياجي سماجي ادبي ھاري مزدور اڳواڻ شامل……. خبر موجب جھول شھر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياءَ تي پنجاب پاران تڪراري 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف مرڪزي وائيس چئرمين نثار احمد ڪيريو ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏاھي ، مرڪزي اڳواڻ عاشق سولنگي جبار جوڻيجو ضلعو سانگهڙ جي صدر علي ڏنو خاصخيلي، احسان علي شر جڙيو مگسي جان محمد ابڙو ڪامريڊ علي خان بروهي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب رجسٽرڊ جھول جي اڳيان مين سانگھڙ حيدرآباد وايا جھول روڊ تي نھٽڻ اس ۾ شاميانہ ھڻي 4 ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل جو لاھوتي زوار قربان علي جلالاڻي، ڀيل اينٽيليڪچوئل فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ پريم ساگر ڀيل سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول جي اڳواڻن غلام حيدر خاصخيلي پريتم جھولائي ، پي ٽي آء جي علي رضا شر نياز جان مري واپارين شھرين پورھيتن ھارين ٽيڪسي ڊرائيور ايسوسيئيشن جي پوڙھو خاصخيلي سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي 4 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻڻ سان روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنھن سان سوين گاڏيون بيهجي ويون احتجاج ڪندڙن نعرہ ھڻندي چيو تہ جھيڙو آ تو سان جھيڙو آ پنجاب توسان جھيڙو آ وفاق توسان جھيڙو آ زرداري توسان جھيڙو آ ، ڪينال سمورا نا منظور سنڌ سڪائيندي پادر کائيندي ڪينالن جا حامي سڀ حرامي ، جڏھن تہ انھي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته، سنڌ ترقي پسند سندي قائد چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي حڪم تي سنڌ جي مختلف شھرن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ متنازع ڪينالن خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ايسيتائين ھڻندي جيستائين وفاق سندي ھوڏ تان لھي سنڌو درياءَ مٿان ڪينالن جي رٿا ختم نہ ٿي ڪري ،درياهه سنڌ مان 6 ڪينالن جي ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ خودمختياريءَ تي وفاق ۽ پنجاب جو سڌو حملو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن واضح ڪيو ته هي رڳو پاڻي جو نه پر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ بقا جو مسئلو آهي.احتجاج ڪندڙن وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي هن منصوبي تان هٿ نه کنيو ويو ته جدوجهد جو دائرو ملڪي سطح تائين وڌايو ويندو، هر محاذ تي مزاحمت جاري رکبي. ڌرڻي ۾ شامل سوين ماڻھن لاءِ جھول شھر جي واپارين خاص طور تي ھندو واپارين پاران ٿڌي پاڻي جي بوتلن جوس بسڪيٽ نمڪو جو بندوبست ڪيو ويو