سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ ڪنري سٽي ۾ تاريخي ڪاميابي عوامي اعتماد جو زنده ثبوت الحمدلله!

عمرڪوٽ ڪنري سٽي ۾ تاريخي ڪاميابي عوامي اعتماد جو زنده ثبوت الحمدلله! تازين ضمني چونڊن ۾ ڪنري سٽي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، اها رڳو هڪ سياسي فتح نه پر عوامي اعتماد، بي لوث خدمت ۽ لڳاتار جدوجهد جو زنده ثبوت آهي.هن عظيم فتح جو سهرو هڪ طرف اُن مدبر قيادت کي وڃي ٿو، جنهن هميشه عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني – نوابزاده تيمور ٽالپر، جن جي سرپرستي پارٽي کي صحيح رستي تي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو.۽ ٻي طرف اُن بهادر، مخلص ۽ خدمتي شخصيت کي، جنهن رات ڏينهن عوام جي مسئلن لاءِ پاڻ وقف ڪيو – ڪنري سٽي چيئرمين حاجي شڪيل احمد باجوه.حاجي شڪيل احمد باجوه بي ٿڪ محنت ڪندي، هر گهٽي، هر گهار، هر در تائين پهچي، عوام جا احساس سمجهيا، انهن جا ڏک ٻڌا ۽ سندن ساٿ ڏنو. سندس اها انتھڪ محنت ۽ خلوص نيّت اڄ رنگ لائي آئي، جڏهن عوام 6224 ووٽن جي وڏي ليڊ سان پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنري سٽي ۾ ڪامياب ڪيو.اهو رڳو هڪ فتح نه آهي، پر هڪ پيغام آهي – ته جڏهن قيادت خالص هجي، نيت صاف هجي ۽ خدمت مقصد هجي، ته پوءِ عوام ڪڏهن به مايوس نٿا ڪن.هي ڪاميابي پوري ڪنري جي آهي، هر ووٽر جي آهي، هر ان شخص جي آهي جيڪو بهتريءَ جو خواب ڏسي ٿو.اسان هن موقعي تي عوام جو شڪريو ادا ڪريون ٿا، جن پنهنجي ووٽ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي عوامي اميدن جو واحد مرڪز آهي.سٽي چيئرمين ڪنري: حاجي شڪيل احمد باجواه

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button