ڪنڌڪوٽ وچ شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف وحراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ وچ شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف وحراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام
تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ھيبت تي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ گوليون لڳڻ ڪري نوجوان عاشق علي سومرو سخت ٿي پيو جنھن کي طبي امداد لاءِ علائقي واسين ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو رستي ۾ ھي زخمي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو فوتي جي لاش واپس ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش سندس جي وارثن جي حوالي ڪيو ويو فوتي جو مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ سنڱاوتي تڪرار ٻڌايو وڃي جلد جوابدران کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ھي جوابدارن خلاف پوليس ڪا ڪارروائي ڪري سگھي،