دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ نارا ڪئنال 8 هزاي ٻه سو ڪيوسڪ هلڻ باوجود ڪنري ۾ نهري پاڻي جي بدترين کوٽ،مرچ ،ڦٽي ۽ ٻين اهم فصلن جي پوکائي نه ٿي سگهي

عمرڪوٽ نارا ڪئنال 8 هزاي ٻه سو ڪيوسڪ هلڻ باوجود ڪنري ۾ نهري پاڻي جي بدترين کوٽ،مرچ ،ڦٽي ۽ ٻين اهم فصلن جي پوکائي نه ٿي سگهي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،اهڙي صورتحال ۾ به نبي سر واھ ۽ سمورين شاخن جو نظام بيلدارن ۽ سفارشي عملي حوالي هجڻ جو انڪشاف، واھ جي واٽرن جي هفتيوار وارا بندي ۽ شاخون چار چار هفتا بند، آبادگار ۽ علائقي واسي سخت پريشان ،نوٽس جي اپيل خبر موجب سنڌو دريا تي تڪراري ڇھ ڪئنال ٺهڻ کا اڳ ئي ڪنري ۾ نهري پاڻي جي بدترين هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي ايشيا جي وڏي مرچمنڊي واري هن علاىقي کي پاڻي مهيا ڪندڙ نبي سر واھ ۽ ان مان نڪرندڙ اٺن ئي شاخن ۾ پاڻي جي سخت بحران سبب مرچ ،ڦٽي ۽ ٻين اهم فصلن جي پوکائي نه ٿي سگهي ۽ سخت گرمي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي مليل ڄاڻ موجب نبي سر واھ کي پاڻي فراهم ڪندڙ نارا ڪئنال 8 هزار ٻه سو ڪيوسڪ هلي پيو انهي گيج تي هيٺين علائقن جي شاخن ۾ ٻن هفتن جي وارابندي ڪري بهتر پاڻي هلائي سگهجي ٿو پر حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالھ هي آهي ته اهڙي بدترين صورتحال آھي۔
ڪلائمينٽس تبديلي ۽ ٻيا جواز ڄاڻائي ڪنري سب ڊويزن سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي جو هٿرادو بحران ڪرڻ سبب علائقي جي آبادگارن ۽ رهواسين ۾ خوف مايوسي ۽ بي يقيني پکڙيل آهي جڏهن ته آبپاشي عملدارن پاران لکت ۾ هدايت نامه جاري ڪري آبادگارن ڪري فصل پوکڻ کان سختي سان منع ڪري رڳو پئيڻ لاء پاڻي ڏيڻ جو چيو ويو پر اهو پيئڻ جو پاڻي به صحيح نٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري علائقائي صورتحال انتهائي خراب ٿيندي وڃي پر ڪير پڇڻ يا نوٽس وٺڻ وارو نه آهي علائقي جي عوام فوري نوٽس وٺي تدارڪ ڪرڻ جو مطابو۔

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button