سنڌ جون خبرونقومي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو قومپرست پارٽين ۽ پي ٽي آءِ پاران تڪراري ڪئنال خلاف ٽن تلوار چوڪ تي ڌرڻو ڏنو ويو

عمرڪوٽ
عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو
قومپرست پارٽين ۽ پي ٽي آءِ پاران تڪراري ڪئنال خلاف ٽن تلوار چوڪ تي ڌرڻو ڏنو ويو۔ ڌرڻي ۾ قومپرست پارٽين ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ ڌرڻي دوران "درياءِ سنڌ مان ڪئنالن نامنظور” جا نعرا هنيا ويا۔ڌرڻي سبب ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي۔ جنهن ڪري ڊرائيورن ۽ مسافرن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو۔ ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته درياءِ سنڌ مان ڪئنال ڪڍي اسان کان جيئڻ جو حق کسي پيو وڃي۔ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زمين بنجر ٿي ويندي ۽ سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو