دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ ضلعو ڪشمور ۾ نوجوانن لاءِ سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي مثبت استعمال بابت ٻن ڏينهن جي تربيت

ڪنڌڪوٽ
ضلعو ڪشمور ۾ نوجوانن لاءِ سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي مثبت استعمال بابت ٻن ڏينهن جي تربيت
ضلعو ڪشمور – ڪنڌڪوٽ (تاريخApril 22, 2025)
ڪميونٽي ڊولپمينٽ فائونڊيشن (CDF) جي اهتمام سان، اقوام متحده جي منشيات ۽ ڏوهن جي خاتمي واري اداري (UNODC) جي مالي سهڪار ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (NACTA) جي سهڪار سان، ضلع ڪشمور جي هيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن تي مشتمل تربيت جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ 25 نوجوانن شرڪت ڪئي.
هي تربيت منصوبي جو حصو آهي "بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن ٽولز ذريعي نوجوانن کي سگهه ڏيڻ ۽ شدت پسندي جي خلاف ڪردار ادا ڪرڻ”، جنهن جو مقصد نوجوانن کي شدت پسندي جي بيانيي جو مثبت ۽ مؤثر جواب ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي. تربيت جو بنيادي مقصد نوجوانن کي رياستي بيانيي "پيغامِ پاڪستان” سان هم آهنگ ڪري، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي واڌاري لاءِ ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي۔
ياد رهي ته هي تربيت ڪشمور جي 50 ڇوڪرن ۽ 50 ڇوڪرين کي ڏني پئي وڃي۔
تربيت دوران نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال، ڪميونيڪيشن اسڪلز، غلط ۽ گمراه ڪندڙ معلومات (Misinformation ۽ Disinformation) جي سڃاڻپ، ۽ جديد فئڪٽ چيڪنگ ٽيڪنيڪ بابت سکيا ڏني وئي۔ عملي مشقن ذريعي نوجوانن سکي ورتو ته ڪيئن پوسٽون، ريليز، ويڊيوز ۽ ٽڪ ٽاڪ ڪلپس تيار ڪجن جيڪي امن جي واڌاري ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا۔
هڪ نوجوان چيو:
"هي تربيت منهنجي لاءِ نئين دري کولي ڇڏي آهي، مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته سوشل ميڊيا کي مثبت طور ڪيئن استعمال ڪجي ته جيئن ماڻهن جو سوچڻ جو انداز بدلجي.”
هڪ ٻي نوجوان شرڪت ڪندڙ چيو:
"هميشه ٻڌو هيم ته امن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، پر هاڻي خبر پئي ته اهو آواز سوشل ميڊيا جي ذريعي مؤثر طريقي سان ڪيئن پهچائجي.”
CDF جي نمائندن نثار احمد، زليخا ابڙو ۽ نعمان احمد چيو:
"نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ۽ جيڪڏهن انهن کي جديد ڊجيٽل صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا. اسان کي پڪ آهي ته هي نوجوان پنهنجا پليٽفارم امن ۽ رواداري جي فروغ لاءِ استعمال ڪندا.”
ياد رهي ته هي تربيت سنڌ جي ٻن ضلعن (جیکب آباد ۽ ڪشمور) ۽ بلوچستان جي چئن ضلعن (سبي، جھل مگسي، صحبت پور، نصير آباد) سميت مجموعي طور تي 6 ضلعن ۾ ڏني پئي وڃي ۽ 600 نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button