سنڌ جون خبرونقومي خبرون
ٽنڊوڄام سنڌو درياهه مان نوان ڪيئنال ڪڍڻ خلاف جسقم ۽ نواجون اتحاد پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو

ٽنڊوڄام سنڌو درياهه مان نوان ڪيئنال ڪڍڻ خلاف جسقم ۽ نواجون اتحاد پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو روڊ بلاڪ . خبر موجب سنڌو درياهه مان ڪيئنال ڪڍڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن ۽ نوجوان اتحاد پاران محمد حسن جوڻيجو، زبير ٻرڙو، اياز ويسر ۽ سوين ڪارڪنن ٽنڊوڄام ميڊيا سينٽر اڳيان حيدرآباد ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ وڪيل برادري طرفان ميان وڪي پارڪ تي لڳندڙ ڪيمپ جي حمايت ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ٽرالر ۽ ڪنٽينر، آئل ٽينڪرن کي روڪيو ويو آهي جيڪو صبع تائين جاري رهندو گذريل ٽن ڪلاڪن روڊ بند هجڻ ڪري گاڏين جو وڏيون قطارون لڳي ويون ٻئي پاسي مسافر ٽرانسپورٽ لا۽ روڊ کليل آهي.