دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

خانپورمهر خانپورمهر ويجهو گذريل رات قتل ٿيل ڪورائي برادري جي ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،

خانپورمهر خانپورمهر ويجهو گذريل رات قتل ٿيل ڪورائي برادري جي ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،جنازي نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ،قاتل ڏوھ جو اعتراف ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو ،خانپورمهر ٿاڻي تي مقرر ايس ايس ايڇ او کي هٽائي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو، رپورٽ موجب خانپورمهر ويجهو هيکل پٽ واري علائقي ۾ گذريل رات هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل گلشير ڪورائي،نينگر گل مير، مائي اختياران ۽ مسمات شريفان جا لاش خانپورمهر ۽ مبارڪپور پوليس وچ ۾ حد بندي جي تڪرار سبب لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جنهن بعد خانپورمهر پوليس ۽ وارثن پاران قتل ٿيل ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن جا لاش مزدا ٽرڪ تي تعلقه اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن قتل ٿيل ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته اسين اصل مريد شاخ جا جا آهيون ڪجھ وقت کان سردارڳڙھ جي هيکل پٽ واري علائقي ۾ ويٺل آهيون، هنن چيو ته لولائي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي لولائي برادري جي هٿياربندن الهجوايو ڪورائي جي گھر تي حملو ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ نينگر کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن هوڏانهن گل حسن لولائي نالي هڪ جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو آهي، وڊيو ۾ سندس چوڻ آهي ته گذريل رات خانپورمهر ويجهو چئن ڄڻن کي اسان قتل ڪيو آهي الهجوايو ڪورائي ساٿين سان گڏجي منهنجي ڀاءُ مينهل کي وين مان لاهي چوڪ سميٽو وٽ قتل ڪيو هو، اسان پنهنجي ڀاءُ جو پلاند ڪيو آهي، هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب خانپورمهر ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او ڪفايت ﷲ ناريجو کي هٽائي ايس ايڇ او قادر بخش شر کي خانپورمهر ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته گذريل رات هٿياربندن الهجوايو ڪورائي جي گھر تي ڪاھ ڪري ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ نينگر ممتاز ڪورائي کي زخمي ڪيو هو،جڏهن ته زخمي نينگر سکر اسپتال داخل آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button