ڪشمور: گڊو ۾ لنڊا ڪنيڪشن خلاف وڏو آپريشن 100 کان وڌيڪ غير قانوني بجلي ڪنيڪشن ختم ڪيا ويا، ڪشمور جي ايس ڊي او اسرار احمد باجڪاڻي جي حڪم تي تي ڪاروائي

ڪشمور:
گڊو ۾ لنڊا ڪنيڪشن خلاف وڏو آپريشن 100 کان وڌيڪ غير قانوني بجلي ڪنيڪشن ختم ڪيا ويا، ڪشمور جي ايس ڊي او اسرار احمد باجڪاڻي جي حڪم تي تي ڪاروائي
گڊو شهر ۾ واپڊا انتظاميه رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران بجلي چوري جي خاتمي لاءِ وڏي سطح تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا، ايس ڊي او اسرار احمد باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ايل ايس نثار احمد جکراڻي، ايل ايس امجد علي بجاراڻي ايل ايس سارنگ علي باجڪاڻي لائين مين قربان علي باجڪاڻي لائين مين عبدالغني باجڪاڻي لائين مين جبل عرف عبدالسلام جکراڻي ۽ لائين مين لياقت علي سومرو لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان شھنشاهه پاڙو، سيف الله پاڙو، ميراڻي پاڙو، ۽ پٺاڻ پاڙو سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، ان موقعي تي ايس ڊي او اسرار باجڪاڻي چيو ته بجلي چوري جهڙو غيرقانوني عمل نه رڳو اداري لاءِ وڏي نقصان جو باعث آهي، پر اها قومي وسيلن جي ضايع ٿيڻ برابر آهي. هن چيو ته بجلي چوري ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن سفارش جي ڪارروائي جاري رهندي، شهرين واپڊا جي هن قدم جي واکاڻ ڪندي چيو ته مسلسل بجلي چوري سبب سچا بل ادا ڪندڙ صارفين کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اهڙيون ڪارروايون جاري رهيون ته نه رڳو بجلي جي ورڇ بهتر ٿيندي، پر غيرقانوني عملن جي حوصلا شڪني به ممڪن بڻجي سگهندي، واپڊا اختيارين واضح ڪيو آهي ته شهر جي ٻين علائقن ۾ به ساڳي نوعيت جون ڪارروايون جاري رهنديون، جيئن گڊو کي غيرقانوني ڪنيڪشنن کان پاڪ بڻائي سگهجي