سنڌو درياهه مان نڪتل 6 تڪراري ڪئنالن خلاف گذريل 36 ڪلاڪن کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ قومي محاذ تي لڳلاحتجاجي ڌرڻو جاري آهي

سنڌو درياهه مان نڪتل 6 تڪراري ڪئنالن خلاف گذريل 36 ڪلاڪن کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ قومي محاذ تي لڳل ڌرڻي جي اڳواڻي حضرت ﷲ مزاري، شاھ گل مزاري،لالا سيف ﷲ ڪلوڙ فرحان قريشي ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري آهي جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ميلن تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، قومپرست پارٽين جي اڳواڻي ۾ پاران پرامن ڌرڻو هڻي نعرا هنيا پيا وڃن سنڌ جو پاڻي، صرف سنڌ لاءِ، تڪراري ڪئنالن بند ڪيو ۽ سنڌ سان انصاف ڪيو ڌرڻي ۾ ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ پنهنجي پنهنجي حاضري ڏيندي واپس وڃن پيا جنهن سنڌ ترقي پسند پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف عوامي ورڪر پارٽي ٻيون سماجي پارٽن جي اڳواڻن پنهنجي وفد سان گڏ پھتا پر قومپرست ۽ وڪيلن پاران وڏي انگ ۾ ڌرڻي واري ھند ويٺل رات جو به ڌرڻي واري ھند گذارين پيا احتجاج ڪندڙن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان نڪتل تڪراري ڪئنالن جا منصوبا فوري طور بند ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو حضرت ﷲ مزاري شاھ گل مزاري صحافي فرحان قريشي ڪامريڊ شيرمحمد جکراڻي ڪامريڊ احمد نواز گولاٽو فاروق احمد نائچ مھراب سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ ھو جنهن ته اسان سان گڏ اھي بيٺا آهڻ جي سنڌ امڙ سان پيار ڪندڙ آهن ، سنڌ جي آبي حقن تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي وفاقي حڪومت سنڌ سان ناانصافي بند ڪري ڌرڻو ايتري تائين جاري رھندو جيتري تائين وفاق ڪينالن جي فيصلي کان پوتي نٿي ٿئي ھي جيڪا جنگ اسان جاري رکي آهي جاري رھندي ڀلي ھتي ڀلي سال گذري وڃن سنڌو درياء سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو درياء تي هڪ به ڪئنال قبول نه آهي، سنڌو سڪي ويو سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون احتجاج ڪندڙن ۽ ٻين وفاق کان مطالبو ڪيو ته جي توهان سنڌ کي پاڻي ڪونه ڏيندو ته پوء توهان کي به اسين ڪجهه ڪونه ڏينداسين جيڪڏهن توهان سوچو ٿا سنڌ کي بنجر ڪري پنجاب کي خوشحال ڪنداسين اھيو ڪڏهن ڪونه ٿيندو ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين پنھنجي احتجاجي ڌرڻي کي ساھ جي آخري تنڌ تائين سنڌ، پنجاب، بلوچستان جو باڊر ديراموڙ بند رکندا سين اچو گڏ ٿي پنهنجي ايندڙ نسل پاڻي لاء جنگ ڪيون پنهنجي سنڌو درياهه لاء آواز بلند ڪيون ڌرڻي سبب مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، ڌرڻو ھن وقت به جاري آهي جڏهن رات جي ماني الاھي بخش چاچڙ پاران پھچائي ۽ جڏهن ڌرڻي ۾ يٺل ماڻهن لاء پاڻي ۽ ڪولڊ ڊنڪ جوس جو بندوبست فرحان قريشي پاران ڪيو ويو