سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جي طرفان ڪنڌڪوٽ قومي شاھراھ تي ٽئين ڏينهن تي به ڌرڻو ھڻي

ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جي طرفان ڪنڌڪوٽ قومي شاھراھ تي ٽئين ڏينهن تي به ڌرڻو ھڻي پنجاب جا رستا بند ڪيا ڌرڻي ۾ سنڌو سان پيار ڪندڙ عوام وڏي تعداد ۾ شامل ٿيا ڌرڻي جي اڳواڻي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي، شعبان جکراڻي، عبدالعزيز سومرو، فدا حسین محمداڻي، شاھنواز مرھيٽو، جيوڻ خان سبزوئي، ڪامريڊ عباس، وڪيل ذوالفقار چاچڙ، وڪيل فياض بجاراڻي، وڪيل شعيب سھرياڻي سميت ٻيا ڪري رھيا آهن ڌرڻي ۾ پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، پنجاب توسان جيھڙو آ، وفاق توسان جيھڙو آ، پاڻي خاطر جيھڙو آ جي زورداري نعري بازي ڪئي وئي پاڻي، درياءُ ۽ سنڌ سان پيار جا گيت پڻ ڳايا ويا انھي دوران سھرياڻي برادري جو وڏو قافلو مير مناف خان سھرياڻي، مير ھوندل خان سھرياڻي، اصغر سھرياڻي، مرزا خان سھرياڻي، قمر الدين سھرياڻي جي اڳواڻي ۾ وڏو قافلو ريلي جي صورت ۾ ڌرڻي تي پھتو جتي ويٺل اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائیندي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي پنجاب سنڌ سان اڳ به گھڻيون ناانصافيون ڪيون آهن گيس، ڪوئلو، بجلي، تيل ۽ ٻيا وسيلا کڻي ويو ھاڻي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪري رھيو آهي پاڻي سنڌ جي زندگي آهي اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسي اسان جو مطالبو تڪراري ڪينال رد ڪرڻ جو آرڊر نه نڪرندو احتجاج جاري رھندو ڪنڌڪوٽ جي شعور پاڻ ملھايو آهي رات جو گھرن بدران روڊ رستن تي سمھي رھيا آهن ڌرڻي سبب گاڏين جو وڏيون قطارون لڳل آهن گاڏين ۾ پيل سامان خراب ٿيڻ لڳو قومي شاھراھ بدران لنڪ روڊن کان ويندڙ گاڏين جي به ڳوٺاڻن مڙسي ڪري رستا روڪ ڪري ڇڏي آهي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button