عمرڪوٽ حيدرآباد کان کوکڙاپار پارا ھلندڙ ماروي ايڪپريس مسافر ٽرين جنهن ۾ ڇھ بوگين مان گھٽائي چار بوگيون ڪيون ويون آھن جنهن جي ڪري سوين مسافر ٽرين ۾ بيھ سفر ڪرڻ لڳا

عمرڪوٽ حيدرآباد کان کوکڙاپار پارا ھلندڙ ماروي ايڪپريس مسافر ٽرين جنهن ۾ ڇھ بوگين مان گھٽائي چار بوگيون ڪيون ويون آھن جنهن جي ڪري سوين مسافر ٽرين ۾ بيھ سفر ڪرڻ لڳا
ماروي مسافر ٽرين جيڪو روزانوجي بنياد تي واپسي ۾ رات جو دير سان اچڻ روز جو معمول بڻيل جنهن جي سوين مسافر عورتون مرد معصوم ٻارسخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا ماروي مسافر ٽرين ۾ کوکڙاپار کان حيدرآباد تائين مختلف اسٽشنن نيوڇور ـ ڇور ـ ڍورونارو پٿورو شادي پلي سميت ٻين علائقن جا سوين مسافر روزانو سفر ڪن ٿا
ريلوي انتظاميا جي نا اھلي سبب سوين مسافر عورتون توڙي مرد پيرسن شخص ٽرين ۾ بيھ سفر ڪرڻ لڳا ھنن ريلوي جي وزير سميت اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته حيدرآباد کان کوکڙاپار ھلندڙ ماروي مسافر ٽرين ۾ ڇھ بوگيون مقرر ڪري اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي