دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

ڪنڌ ڪوٽ ڏوھاري بي رحم ٿي ويا مسافر ڊاٽسن کي روڪڻ جو اشارو نه بيھڻ تي سڌي فائرنگ نوجوان ڊرائيور قتل

ڪنڌ ڪوٽ ڏوھاري بي رحم ٿي ويا مسافر ڊاٽسن کي روڪڻ جو اشارو نه بيھڻ تي سڌي فائرنگ نوجوان ڊرائيور قتل مقتول جو لاش رکي گولا موڙ تي ڌرڻو پوليس ميڙ منٿ ڪري ھڪ ھفتي ۾ قاتل گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي زورگڙھ لڳ پوليس ٿاڻي بخشاپور جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو روزاني جي بنياد تي ٽولن جي صورت ۾ ايندڙ ھٿياربند ڏوھارين مسافر ڊاٽسن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو نه بيھڻ تي بي رحم ڏوھارين سڌا فائر ڪري ڊرائيور وقار بنگوار کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا نوجوان ڊرائيور کي اسپتال آندو ويو جتي نازڪ حالت ھجڻ ڪري ٻاھر منتقل ڪيو ويو اسپتال پھچڻ کان پھريان زخمن جا سور نه سھندي دم پرواز ڪري ويو نوجوان جو لاش وارث کڻائي باءِ پاس انڊس ھاءِ وي گولا موڙ جي مقام تي روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون روڊ جي ٻنھي پاسن کان قطارون لڳي ويون مقتول جي وارث دولت بنگوار، سومر بنگوار، شوروم يونين اڳواڻ اشفاق مري، شاھنواز مرھيٽو ۽ ٻين چيو ته پوليس ڪٿي گم آهي جو سرعام بي خوف ٿي ڏوھاري وارداتون ڪن پيا روز روز بيگناھ انسانن جو قتل عام ٿئي ٿو پوليس عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھی ھي معصوم ڊاٽسسن ھلائي عزت سان پورھيو ڪندو ھو اڄ دنيا ۾ مزدورن کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ ڏينهن ملھايو پيو وڃي ڪنڌڪوٽ ۾ مزدورن کي حق تي نه مليا پر پورھيت کي سرعام بي خوف ڏوھاري قتل ڪن ٿا قتل ۾ ملوث ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي انصاف فراھم ڪيو وڃي بخشاپور جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڌرڻي ۾ اچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون پوليس ڏھ ڏينهن ۾ قاتل گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن بعد ڌرڻي ختم ڪرايو ويو جنهن بعد نوجوان ڊرائيور وقار بنگوار جي لاش جو پوسٽ مارٽم ضروري قانوني ڪارروائي ڪرائي وئي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button