قمبر شھدادڪوٽ متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين شهيد عظيم احمد طارق جي 32هين ورسي وڳڻ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويئي

قمبر شھدادڪوٽ متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين شهيد عظيم احمد طارق جي 32هين ورسي وڳڻ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويئي، جتي قرآن خواني، فاتحه خواني ۽ خاص دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ضلعي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورسي جي تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جي ضلعي انچارج ارباب علي چانڊيو، غلام جان بروهي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد عظيم احمد طارق هڪ بهادر، اصولن تي قائم رهندڙ ۽ تحريڪ لاءِ زندگي وقف ڪندڙ سياسي اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي علم، فڪر ۽ جدوجهد سان نه رڳو ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪيو پر ڪارڪنن ۾ سياسي سجاڳي، تحرڪ ۽ جذبو پيدا ڪيو. اڳواڻن چيو ته عظيم احمد طارق جي شهادت تحريڪ لاءِ وڏو نقصان هو، پر سندس نظرئي، فڪر ۽ اصول اڄ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه آهن. هنن چيو ته شهيد عظيم احمد طارق نه رڳو متوسط طبقن جي نمائندگي ڪئي پر سرمائيداري، جاگيرداري ۽ ڪرپٽ نظام خلاف به بيباڪي سان آواز اٿاريو. تقريب دوران سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ پيپلزپارٽي جو اهم ڪردار رهيو آهي، جيڪا هٿ وٺي تڪراري منصوبا جوڙي عوام کي ورهائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته اهڙن منصوبن ۽ فيصلن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي پر سماجي بيچيني به وڌي رهي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته درياهن تي پهريون حق سنڌين جو آهي، پر وفاق ۽ صوبائي حڪومتون سنڌ واسين جي حقن تي ڌاڙو هنڻ ۾ رڌل آهن. هنن چيو ته سنڌ دشمن فيصلن کي سنڌ جي عوام اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀ قومي ڌريون گڏجي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تقريب جي پڄاڻي تي شهيد عظيم احمد طارق جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ويئي، جڏهن ته اڳواڻن عزم ورجايو ته شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساريو نه ويندو ۽ سندن مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي.