دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪنڌڪوٽ جي مٺا چوڪ جي رهواسڻ پيرسن عورت زرينه ملڪ ياسين صورت ساڻ کڻي پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پهچي 15انچارج خلاف احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو

ڪنڌڪوٽ جي مٺا چوڪ جي رهواسڻ پيرسن عورت زرينه ملڪ ياسين صورت ساڻ کڻي پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پهچي 15انچارج خلاف احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته ڪاله منجهند جو 15 انچارج خليل احمد لغاري منهنجي پٽ عباس ملڪ کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي متاثر عورت اهو به الزام هڻندي چيو ته منهنجي پٽ وٽ ٽن لکن جو چيڪ ساڻ هو جيڪو به پوليس بئنڪ مان ڪيش ڪرائي اها رقم به ڦٻائي ورتي آهي متاثر عورت وڌيڪ چيو ته منهنجي پٽ کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي جنهن مٿان ڪو به ڪيس داخل نه آهي هو روڊس کاتي ۾ ملازم آهي آء وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪريان ٿي ته هو هن معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ کي پوليس جي گرفت مان آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي