سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پاڪستان پيپلز پارٽي شڪارپور جي اڳواڻ، ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير انرجي ڊپارٽمينٽ، جناب امتياز احمد شيخ صاحب، پنهنجي هڪ اهم واعدي کي وفا ڪندي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شڪارپور لاءِ 20 لک روپين جي "گرانٽ ان ايڊ” جي منظوري ڪرائي آهي

پاڪستان پيپلز پارٽي شڪارپور جي اڳواڻ، ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير انرجي ڊپارٽمينٽ، جناب امتياز احمد شيخ صاحب، پنهنجي هڪ اهم واعدي کي وفا ڪندي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شڪارپور لاءِ 20 لک روپين جي "گرانٽ ان ايڊ” جي منظوري ڪرائي آهي.

هي رقم، شڪارپور جي سينيئر قانوندان ۽ اڳوڻي صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، مرحوم نصير احمد خان لوڌي صاحب، اڳوڻي جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي شڪارپور جي ذاتي درخواست تي، امتياز احمد شيخ صاحب پاران وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب سان خصوصي ملاقات ڪري منظوري هيٺ آندي وئي.

قانوني حلقن پاران امتياز احمد شيخ جي هن عمل کي ساراهيو ويو آهي، ۽ کيس پنهنجي واعدي جي تڪميل تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.
وڪلا برادري اميد ظاهر ڪئي آهي ته مستقبل ۾ به قانوني ادارن جي بهتري لاءِ اهڙا قدم کنيا ويندا.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button