سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٽنڊوڄام ايگريڪلچر ريسرچ ميرپورخاص هالٽيڪلچر انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر هڪ مهيني اندر (آر اي) بجيٽ مان اڻونجاهه لک ٻاويهه هزار جا ڪوڙا بل پاس ڪرائي ڇڏيا

ٽنڊوڄام ايگريڪلچر ريسرچ ميرپورخاص هالٽيڪلچر انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر هڪ مهيني اندر (آر اي) بجيٽ مان اڻونجاهه لک ٻاويهه هزار جا ڪوڙا بل پاس ڪرائي ڇڏيا ۽ ويجيٽيبل جي ڊائريڪٽر ستيتاليهه لک 62 هزار جا ڪوڙا بل پاس ڪرائي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ورتا، ڊائريڪٽر هالٽيڪلچر ۽ ڊائريڪٽر ويجيٽيبل هڪ مهيني ۾ لڳ ڀڳ چوڏهن چوڏهن لکن رپين جو سرڪاري گاڏي ۾ تيل ڀرائڻ جا بل به پاس ڪرائي ڇڏيا
ٽنڊوڄام (رپورٽ گلزار سرگاڻي ) ايگريڪلچر ريسرچ ميرپور خاص هالٽيڪلچر جي ڊائريڪٽر غلام سرور ڪيريو (آر اي ) روائيز ايسٽيمنٽ بجيٽ مان هڪ مهيني اندر اڻونجاهه لک ٻاويهه هزار جا ڪوڙا بل پاس ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ٻئي طرف ويجيٽيبل سيڪشن جي ڊائريڪٽر اسپيشلسٽ محمد حنيف اڄڻ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندي ستيتاليهه لک 62هزار جا بل پاس ڪرائي ڇڏيا جنهن ۾ ڊائريڪٽر هالٽيڪلچر سرڪاري گاڏي ۾ هڪ مهيني جي تيل جو بل تيرنهن لک نوانوي هزار اٺ سئو ٻيانوي جو ٽريزي جو سرڪاري گاڏي ۾ تيل ڀرائڻ جو بل پاس ڪرائي ڇڏيو آهي سرڪاري خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي ادراي ۾ تحقيق ڪرڻ بجاءِ اداري کي تباھ ڪيو ويو آهي باخبر ذريعن کان آهيو به معلوم ٿيو آهي ته اداري اندر سي پيڪ منصوبي سميت ڪيترائي پروجيڪٽ ڪاغذي ڪارروائي تحت هلي رهيا آهن جن جي به انڪوائري ڪرائي وڃي ان عمل سبب اداري اندر مالي بي ضابطگين بابت ڳڻتي وڌي وئي آهي، جڏهن ته عملو پڻ بي يقيني جو شڪار آهي.ساڃاهه وند حلقن ۽ زرعي ماهرن طرفان ڊائريڪٽر جنرل ٽنڊوڄام ريسرچ زراعت واري وزير محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري ايگريڪلچر کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سميت ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button