دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ چئيرمين ٽائون ڪميٽي ڪنري حاجي شڪيل احمد باجوه ڪنري شهر ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ايس ڊي او حيسڪو واپڊا ڪنري غلام عباس علي ملوڪاني سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

عمرڪوٽ
چئيرمين ٽائون ڪميٽي ڪنري حاجي شڪيل احمد باجوه ڪنري شهر ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ايس ڊي او حيسڪو واپڊا ڪنري غلام عباس علي ملوڪاني سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايس ڊي او، چئيرمين ڪنري کي يقين ڏياريو ته هاڻ بنا اطلاع جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، ۽ جلد ئي اعليٰ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪنري جي عوام کي رات جو 11:45 کان 1:45 تائين واري لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو.
ان کان علاوه، چئيرمين ايس ايڇ او ڪنري وجي ڪمار کتري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کيس هدايت ڪئي ته ڪنري شهر جو امن هر حالت ۾ برقرار رکيو وڃي ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.چئيرمين،ٽائون ڪميٽي ڪنري جي ضلع ڪونسل منمبرچوڌري احتشام اقبال ۽ ٻين معز زين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي فوري حل جي به يقيندهي ڪرائي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button