سنڌ جون خبرونقومي خبرون
عمرڪوٽ ڪنري سميت سڄي ضلعي ۾ شديد گرمي ۽ حبس کان پوءِ رحمت واري برسات وسڻ لڳي

عمرڪوٽ ڪنري سميت سڄي ضلعي ۾ شديد گرمي ۽ حبس کان پوءِ رحمت واري برسات وسڻ لڳي، ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز ڦوهارن ۽ برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب فصلون ۽ پکين خوشيءَ مان ڇرڪي پيا. هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، گرميءَ سبب مرجھايا چهرا وري کلي پيا. تيز ڌوپ ۽ گرميءَ کان پوءِ جڏهن موسم ۾ تبديلي آئي ته گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ هر طرف ٿڌڪ پکڙجي ويئي.