سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪشمور:
ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪشمور ۾ پوليس هڪ اهم ڪارروائي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا پوليس موجب ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ اطلاع ملي ته ڪجهه هٿياربند ڏوهاري ڪنهن واردات جي نيت سان موجود آهن. اطلاع ملڻ شرط ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ جي هدايت تي، اي ايس پي محمد عاشر جي نگراني هيٺ ايس ايڇ او ڪشمور زياد علي نوناري پوليس ٽيم سان گڏوگڏ فوري طور تي ڪارروائي شروع ڪئي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ لائين پراڻي ڀرسان فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران پوليس جي پيشه ورانا حڪمت عملي ۽ بهادري سان ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندن ساٿين فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پڪڙيل زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي سندن طبي امداد ڏني وئي پڪڙيل زخمين ڏوھارين جي سڃاڻپ گنج علي گلراڻي مزاري ۽ بيڙو خان گلراڻي مزاري طور ٿي آهي، جن وٽان ٻه غيرقانوني پسٽل پڻ هٿ ڪيا ويا آهن ايس ايس پي ڪشمور موجب، ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته هي ڏوهاري ڪشمور شهر ۾ 20 کان وڌيڪ وارداتن، جهڙوڪ موٽر سائيڪلون ڦرڻ، هندو واپارين جي دوڪانن تي حملا ڪرڻ ۽ ٻين خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن ڏوهارين جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي پڻ ٿي چڪي آهي، جيڪي مختلف وارداتن دوران رڪارڊ ٿيون آهن. پوليس پاران سندن مڪمل مجرمانه ريڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن خلاف ٻين ڪيسن ۾ به قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button