ادو مرکپور محلا جي رھواسي مزدور امير ٻٻر جي معصوم 6 سالا ڌيءَ فلڪ ٻٻر سان جوابدارن پاران مبينا جنسي زيادتي جوابدار نينگري کي زخمي ۽ بيھوشي حالت ۾ کڏ اندر ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا

دادو مرکپور محلا جي رھواسي مزدور امير ٻٻر جي معصوم 6 سالا ڌيءَ فلڪ ٻٻر سان جوابدارن پاران مبينا جنسي زيادتي جوابدار نينگري کي زخمي ۽ بيھوشي حالت ۾ کڏ اندر ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، وارث نينگري کڻي بي سيڪشن پوليس ٿاڻي تي پھچي ويا، نينگري ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ھڪ ڄڻو گرفتار ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي،
پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ملوث جوابدارن جي گھرن تي ڇاپا ھڻي ھڪ ڄڻي جوابدار ذاڪر لوھر جي والد لال بخش لوھر کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نينگري کي ميڊيڪل لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جاچ آفيسر غلام رسول ڀٽو ٻڌايو ته نينگري جي مڪمل ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ۽ جوابدار گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو،
نينگري جي وارثن والد امير ٻٻر، زمان ٻٻر، فراز ٻٻر، مظھر ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا اڳيان چيو ته محلي واسي جوابدارن ذاڪر ۽ سونو لوھر شام جو گھر اڳيان نينگري کي خرچي بھاني کڻي زيادتي ڪئي ۽ رات دير سان بيھوشي حالت ۾ کڏ اندر ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آهن ھنن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ڪم، جي،