سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

دادو ۾ اين آءِ وي سي ڊي چيسٽ پين يونٽ جي بحالي لاءِ اڳڀرائي، ڊاڪٽر موسيٰ پاران دورو، سهولتن جو جائزو

دادو ۾ اين آءِ وي سي ڊي چيسٽ پين يونٽ جي بحالي لاءِ اڳڀرائي، ڊاڪٽر موسيٰ پاران دورو، سهولتن جو جائزو

دادو پريس ڪلب پاران صحت جي بنيادي سهولتن جي کوٽ بابت خبرن تي وفاقي اسيمبلي جي ميمبر رفيق احمد جمالي نوٽس وٺي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اين آءِ وي سي ڊي (NICVD) چيسٽ پين يونٽ جي دادو شهر ۾ بحالي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا ويا آهن.صدر پاڪستان آصف علي زرداري سان رابطو ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر نديم قمبر جي هدايت تي چيف آپريٽنگ آفيسر اين آءِ وي سي ڊي ڊاڪٽر موسيٰ دادو پهچي چيسٽ پين يونٽ لاءِ مختص عمارت جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊاڪٽر موسيٰ سان گڏ، ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ڊاڪٽر امجد مستوئي، ايم اين اي رفيق احمد جمالي جو پرسنل اسسٽنٽ خليل جمالي، ۽ ڊي سي دادو جو پي اي شاهه زمان ملڪاڻي پڻ موجود هئا دوري دوران موجود عملدارن طرفان چيسٽ پين يونٽ لاءِ تجويز ڪيل عمارت، گهربل طبي اوزارن، اسٽاف جي ضرورتن ۽ فني گهرجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر موسيٰ ۽ ڊاڪٽر امجد مستوئي چيو ته دادو جي وڌندڙ آبادي ۽ بيمارين جي شرح کي نظر ۾ رکندي، هتي چيسٽ پين يونٽ جو قيام انتهائي ضروري آهي. اين آءِ وي سي ڊي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دل جي مرضن جي علاج لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن سان هزارين زندگيون بچي رهيون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري، ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي دلچسپي سان دادو شهر جي عوام لاءِ دل جي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، ۽ اميد آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن اندر دادو لاءِ چيسٽ پين يونٽ مڪمل ٿي ويندو، جيڪو هتان جي عوام لاءِ وڏو رليف بڻجندو. عوامي حلقن پاران ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ڊاڪٽر نديم قمبر، ۽ ڊاڪٽر موسيٰ،ڊاڪٽر امجد مستوئي جي ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي، ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته دادو شهر جلد جديد طبي سهولتن سان ليس هڪ فعال چيسٽ پين يونٽ حاصل ڪندو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button