سنڌ جون خبرونقومي خبرون

قمبر شهدادڪوٽ محرم الحرام دوران ضلع انتظاميا طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي پابندي سان عملدرآمد ڪرڻ

قمبر شهدادڪوٽ محرم الحرام دوران ضلع انتظاميا طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي پابندي سان عملدرآمد ڪرڻ ، انتظامي ۽ حفاظتي اپائن، بنيادي سهولتن جي فراهمي، ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، روٽن، امام بارگاهن ۽ ماتمي جلسن جلوسن متعلق مسئلن جي حل بابت درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ سموري ضلعي مان مختلف مڪتبِ فڪر جي علماءِ ڪرامن ، مختلف تنظيمن جي عھديدارن ، صحت، پوليس، سيپڪو، سوئي سدرن گيس، ضلعي انتظاميا، مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سميت لاڳاپيل کاتن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ شريڪ عهديدارن سميت سڀنن طرفان محرم الحرام دوران عزاداري، ماتمي جلوسن، امام بارگاهن ۾ بنيادي سهولتن ۽ ٻين اهم معاملن متعلق مختلف مڪتبِ جي علماءِ ڪرامن پنهنجيون پنھنجيون تجويزون ۽ مطالبا پيش ڪيا . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو چيو ته ضلعي ۽ تعلقه سطح تي محرم الحرام جي حوالي سان ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا جنهن جو فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون هوندو. جڏهن ته تعلقه سطح تي اسسٽنٽ ڪمشنرز فوڪل پرسن هوندا، محرم الحرام دوران ضلعي ۾ فول پروف انتظام ڪيا ويندا، پوليس رينجرز، ميونسپل، ٽائون ڪاميٽيز، يو سي چيئرمين/ سيڪريٽريز ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پنهنجي ذميواريون ادا ڪرڻ جا پابند هوندا، محرم الحرام دوران بجلي ۽ گئس جي لاڳيتو فراهمي کي هر صورت ۾ ممڪن بڻايو ويندو. امن امان بحال رکڻ، شرپسند ماڻهن خلاف فوري ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سنيپ چيڪنگ ڪئي وڃي ۽ ھر ايندڙ ويندڙ شخص تي ڪڙي نظر رکي وڃي تاڪي ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. ضلعي ۾ ڪنهن کي به ڪنهن جي دل آزاري جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. سمورن مڪتب و فڪر جي عزت ۽ احترام لازمي هوندو، عزادارن کي ماتمي جلوسن ۽ ٻين پروگرامن ۾ فائربريگيڊ، ايمرجنسي 1122 ايمبولينس، دوائون جي فراهمي، اسٽريٽ لائيٽ، سفائي سٿرائي، روڊ رستن جي مرمت ۽ ٻين نشاندهي ڪيل مسئلن لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز، ٽي ايم او، سي ايم او، ٽائون آفيسر گڏيل طور اسٽيڪ هولڊرز، پرمٽ هولڊرز ۽ تنظيمن جي عهديدارن سان گڏجي دورو ڪندا ۽ مليل هدايتن موجب مسئلن کي محرم الحرام جي شروع ٿيڻ کان کان اڳ مڪمل ڪندا. جلوسن ۽ مجلسن لاءِ ليڊي پوليس ڪانسٽيبل به مقرر ڪيا ويندا، ڊي سي قمبر وڌيڪ چيو ته لائوڊ اسپيڪرن جي غلط استعمال تي ضابطو آندو ويندو، رڪارڊ مطابق جيڪي به مجلسون، سبيل ۽ ماتم جا پروگرام آهن اُھي ئي ٿيندا. ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال قمبر ۽ تعلقه اسپتالن ۾ محرم الحرام جي حوالي سان ايمرجنسي وارڊ قائم ڪيا ويندا. جڏهن ته هو پاڻ به پوليس، رينجرز ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن سان گڏجي جلوسن جي روٽس، امام بارگاھن جا پڻ دورا ڪندو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ، ڊي ايڇ او قمبر ڊاڪٽر گلزار علي تنيو سميت مختلف سرڪاري ادارن جي عملدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button