Businessسنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادو ۾ بدامني خلاف واپارين جو ڌرڻو، ايس ايس پي خلاف سخت نعريبازي

دادو ۾ بدامني خلاف واپارين جو ڌرڻو، ايس ايس پي خلاف سخت نعريبازي

دادو دادو شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين ۽ دوڪاندارن پاران انجمن تاجران جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اطلاع موجب، گذريل ڏينهن شهر جي مختلف علائقن مان 3 واپارين کي ڦر جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي دوڪانن مان چوري جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن، پر پوليس پاران ڪا به موثر ڪارروائي نه ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ گل حسن پنهور، اقبال قريشي، ممتاز چنو جي اڳواڻيءَ ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن اسٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڪچهري روڊ تي پهتي، جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي واپارين ۽ دوڪاندارن پاران پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ ايس ايس پي دادو کي بدامني جو ذميوار قرار ڏنو ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس رڳو ڏيکاءَ لاءِ موجود آهي، اصل ڏوهاري آزاد گهمي رهيا آهن، جنهن سبب واپاري برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي. هنن گهر ڪئي ته فوري طور تي شهر ۾ وڌندڙ چوري ۽ ڦرن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button