دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

جھول  ٿاڻي جي حد ۾ مڙس ھٿان مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ زال قتل، جوابدار گرفتار، جھول پوليس مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو

جھول  ٿاڻي جي حد ۾ مڙس ھٿان مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ زال قتل، جوابدار گرفتار، جھول پوليس مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو……..خبر موجب جھول ٿاڻي جي حد ديھ ڳجھيرڻ جي ڳوٺ جان محمد مري لڳ  گلاب جو دڙو تي ويٺل ڀيل برادري جي نوجوان مڙس دولت ڀيل  سندي زال شريمتي  شويران ڀيل کي مبيناڪارنھن الزام ھيٺ ڪمند جي فصل ۾   قتل ڪري ڇڏيو  عيني شاھدن موجب شريمتي شويران اربع ڏينهن صبح جو ڪمند جي فصل مان مال متاع لاءِ  ڪانبو ٻڌي گاھ ڪري رھي ھئي تہ ھن جي  مڙس دولت ڀيل کيس پويان کان ڪنڌ ۾ رسو وجھي ھيٺ ڪيرائي لوھي رنبي سان مٿي ۽ لوندڙي تي وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو وڌيڪ معلوم ٿيو آهي تہ مقتولا جي مڙس دولت ڀيل کي زال جي چال چلت تي شڪ ھو تہ ھن جا سندن ئي برادري جي ھڪ کان مٿي نوجوانن سان خراب تعلقات آھن اھڙين ڳالھين تان زال مڙس جا ھڪٻئي سان سنھا سنھا جھيڙا ٿيندا ھئا عورت جي قتل وارو اطلاع ملڻ تي جھول پوليس قتل واري ھنڌ پھچي مقتولا جو لاش ڪمند واري فصل مان کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر جھول روانو ڪيو جتي مقتولا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ان حوالي سان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ عورت ڊاڪٽرياڻي خالده چانگ  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ تيز ڌار وارو اوزار سان مقتولا عورت کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اوزار عورت جي مٿي مان آر پار ٿي ويو آهي وڌيڪ خبر پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندي   ٻي طرف قتل جي الزام ھيٺ آيل  جوابدار مقتولا جي مڙس  دولت ڀيل کي جھول پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل رسي ۽رنبي سميت   گرفتار ڪري جھول ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سان رابطو ڪرڻ  تي ھن ٻڌايو تہ کيس زال جي قتل تي ڪوبہ پڇتاءَ ڪونھي ھن غيرت ۾ اچي زال کي قتل ڪيو آھي جنھن جا سندن برادري جي جھامن ڀيل ۽ٻين سان تعلقات ھئا  جڏهن تہ مقتولا عورت جو لاش رورل هيلٿ سينٽر جھول مان ڪنري لڳ رھندڙ ڀاءُ موٽو مل ڀيل وصول ڪري پھريان مقتولا جي سھراڻي گھر ڳوٺ جان محمد مري لڳ گلاب جو دڙو کڻائي ويو اتان ڪنري کڻائي ويندو  جڏهن تہ واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو آھي ، ٻي طرف علائقي ۾ اھي چؤٻول آھن مقتولا تمام گهڻو طاقتور ھئي کيس ماري قتل ڪرڻ ھڪ جوابدار جي وس جي ڳالھ ڪونھي قاتل دولت ڀيل سان ڪجھ نامعلوم جوابدار گڏ آھن جن سان گڏجي ھن زال جو خون ڪيو آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار دولت ڀيل سندي زال کي مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ اڪيلي سر ماري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جھول پوليس جوابدار کان  وڌيڪَ پڇا ڳاڇا ڪري آھي جيڪڏھن ساڻس انھي ڏوھ ۾  ڪو ٻيو جوابدار ملوث ھوندو تہ انھي کي بخش نہ ڪيو ويندو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button