سنڌ جون خبرونقومي خبرون

سيپڪو پاران ڪشمور ۽ گڊو جي مختلف علائقن ۾ بجلي چوري ۽ نان پيمنٽ خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويو

ڪشمور
سيپڪو پاران ڪشمور ۽ گڊو جي مختلف علائقن ۾ بجلي چوري ۽ نان پيمنٽ خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويو. سيپڪو اختيارين جي چونڊ موجب، غيرقانوني ڪنيڪشنز خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران درجنين غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا،

ڪشمور گڊو جي مختلف محلن ۽ پاڙڻ ۾ غيرقانوني ڪنيڪشنز خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران درجنين غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا جڏهن ته بل جي عدم ادائيگي تي ڇهه ٽرانسفارمر پڻ لاٿا ويا آپريشن ۾ رينجرز اهلڪار پڻ شامل هئا ته جيئن ڪارروائي بنا ڪنهن مزاحمت جي مڪمل ٿي سگهي، ايس ڊي او ڪشمور اسرار احمد باجڪاڻي جي ھدايتن تي آپريشن ڪئي وئي جنهن جي اڳواڻي لائين سپريڊنٽ نثار احمد جکهراڻي، امجد بجاراني، مير حسن ۽ ٻين ڪئي لائين سپريڊنٽ نثار جکهراڻي جو چوڻ هو ته بجلي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته بجلي ملڪ جو سرمايو آهي، ۽ چور ڪنهن به معافي جا مستحق نه آهن.ايل ايس نثار جکهراڻي وڌيڪ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ جيڪي بل ادا نه ڪندا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ بجلي جا بل وقت تي ادا ڪن، ته جيئن نظام هلڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button