ڪنڌڪوٽ مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل راڻيپور جا ٻه نوجوان مزمل شاھاڻي ۽ ماجد پنهيار کي ايس ايس پي ڪشمور مقابلي ۾ بازياب ڪرائي ورتا , جيجل امڙ پاران کيس دعائون

ڪنڌڪوٽ مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل راڻيپور جا ٻه نوجوان مزمل شاھاڻي ۽ ماجد پنهيار کي ايس ايس پي ڪشمور مقابلي ۾ بازياب ڪرائي ورتا , جيجل امڙ پاران کيس دعائون ,
تفصيل موجب
راڻيپور جا ٻه نوجوان مزمل شاهاڻي سندس دوست ماجد پنهيار فيس بڪي دوستن جي شادي جي سڏ تي راڻي پور کان ڪنڌڪوٽ شادي جي سڏ ۾ شرڪت لاء روانا ٿيا , جنهن بعد هڪ موٽرسائيڪل سوار کين شادي تي پهچائڻ لاء کڻي ويو جنهن بعد ٻنهي نوجوانن جا موبائل فون نمبر بند ٿي ويا , وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو , ٻئي پاسي نوجوانن مٿان تشدد جو ويڊيو وائرل ڪيو ۽ 50.50 لک روپيا ڀنگ گهريو , جيجل امڙ ۽ ٻين حڪومت سنڌ , ايس ايس پي خيرپور , ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کي نوجوانن جي بازيابي لاء اپيلون ڪيون جڏھن ته سوشل ميڊيا تي پڻ بازيابي لاء پوسٽون رکيون , جڏھن ته ڪنڌ ڪوٽ جي ايس ايس پي زبير نظير شيخ , پوليس ٽيم بهترين ڪوششون وٺي ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل نوجوانن مزمل شاهاڻي , ماجد پنهيار کي ڌاڙيلن سان سخت مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آهي, جيڪا پوليس جي تمام وڏي ڪاروائي آهي , اهڙي ڪردار بعد ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ زبير نظير شيخ ء سندس ٽيم کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ راڻيپور رهواسين جي بازيابي تي کين مبارڪ بعد ڏني ,