ڪنڌڪوٽ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم گڏجاڻي

ڪنڌڪوٽ
محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم گڏجاڻي
محرم الحرام ۾ سڪيورٽي جا فل پروف انتظامات ڪيا وڃن. ۔ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ.
تفصيل موجب اڄ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ایس ایس پي ڪشمور زبير نظير شيخ ، ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاه ، رينجرز ڊي ايس آر، سميت ضلعي جي مڙهني لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي ۾ ايندڙ مختلف مڪتب فڪر جي علمائن کان محرم الحرام حوالي سان پيش ايندڙ مسئلا ٻڌا ۽ جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور چيو ته واقع ڪربلا صبر،تحمل ۽ قرباني جو لازوال مثال آهي جنهن جو تاريخ ۾ متبادل ڪوبه مثال نٿو ملي،ڊپٽي ڪمشنر چيو ته محرم الحرام ۽ يوم عاشور جي ڏينھن جي حوالي سان سخت سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آھي جنھن تحت پوليس۽ رينجرز جا جوان سنڌ بلوچستان باڊر تي موجود علائقن تي گشت ڪندا ۽ سيڪيورٽي جا فل پروف انتظامات ڪيا ويندا ۽ پوليس ۽ رينجرز جي گشت کي پڻ وڌايو ويندو۔ته جيئن امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائي سگهجي۔
ضلعو ڪشمور فرقيواريت کان پاڪ ضلعو آھي پر ان باوجود اسان سڀني کي ھن خاص ڏينھن تي متحرک ء منظم رھڻ گھرجي ھن عزادري ،مجلسن يوم عاشور جي ڏينھن عوامي پيغام ۾ چيو تہ ھرعام و خاص ماڻھو پنھنجي پسگردائي ۾ خاص ڌيان رکي ۽ مشقوق چرپرتي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي اطلاع ڪري. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تمام اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽي ايم اوز ،سيپڪو عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو منعقد ٿيندڙ مجلسن ،ماتمي جلوسن واري روٽ ۽ هنڌن تي صفائي ۽ لائٽنگ جو بهترين نظام کي يقيني بنائن ۽ رات جي وقت ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن جي وقت لوڊشيٽنگ نه ڪئي وڃي ۽ هيلٿ پاران ميڊڪل ڪئمپون پڻ لڳايون وڃن ۽ ضلعي ۽ تعلقي اندر ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا وڃن ان موقعي تي
پوليس ،رينجرز ،هليٿ جي عملدارن ضلعي جي مڙهني اسسٽنٽ ڪمشنرز ، لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ، مختلف مڪتب فڪر جي علمائن پڻ شرڪت ڪئي