قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ خانگي اسڪول ۾ سالياني امتحاني چٽا ڀيٽي جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ۾ خانگي اسڪول ۾ سالياني امتحاني چٽا ڀيٽي جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا ، مختلف سيشنن مقابلن ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعامن سان نوازيو ويو ، ان حوالي سان اوشن آف ناليج گرامر اسڪول وڳڻ ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، هن تقريب ۾ مهمان خاص سماجي شخصيتن صادق سومرو، سينئر صحافي محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،جنهن ۾ مختلف ڪلاسن جي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊلز ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون. پوزيشن کڻندڙ شاگردن ڪلاس پهريون کان اٺون ڪلاس جي نواب سومرو، روبينا سومرو، لاريب انڙ ،رابيل خاصخيلي، حديثه جتوئي، حمزه تنيو، مصور خاصخيلي، زهيب پنهور ،شاهزيب ڪلهوڙو، ماهين سومرو، عبدالله سومرو کي ٽرافيون ۽ ميڊلز ڏنا ويا۔ شاگردن ۽ شاگردياڻين مقابلن، ٽيبلوز ۽ مختلف راندين ۾ حصو ورتو. آخر ۾ اوشن اسڪول جي پرنسپال عبدالقيوم سومرو چيو ته اوشن آف ناليج جا شاگرد پاڻ ملهائي رهيا آهن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي سندن جي محنت تي حوصلا افزائي ڪرڻ ضروري آهي ، وڳڻ شهر ۾ شعور جو ادارو کوليو ويو آهي هتان جي هوشيار شاگردن ۾ ڪاميابي جو جذبو آهي ، جيڪي هن علائقي جا روشن مستقبل آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم ۽ سائنسي ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏنو ويو آهي ، دنيا سائنس و تعليم ۾ اڳتي آهي ۽ هنن تعليم سائنس جديد ٽيڪنالاجي کي معيشت ۾ آڻي ترقي ڪئي پر اسان دير ڪئي ، هاڻي وقت جي اهم ضرورت آهي تہ ان طرف اچڻ گهرجي پنهنجي اولاد کي تعليم سان سنواريو وڃي جيڪي هن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهندا هن اهو بہ چيو تہ علم انسان جي ٽئين اک آهي پنهجي اولاد پٽ ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريو علم کان وڌيڪ دنيا جا ڪي هٿيار وڏا ناهن ،