دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٺٽو  گهارو شهر ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي يادرگار ڪميٽي پاران شهيدبشيرخان قريشي ۽ شهيد مشتاق احمدخاصخيلي جي ايصال ثواب لاءِ ٽائون ڪميٽي گھارو ۾ منعقد ٿيل

ٺٽو
گهارو شهر ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي يادرگار ڪميٽي پاران شهيدبشيرخان قريشي ۽ شهيد مشتاق احمدخاصخيلي جي ايصال ثواب لاءِ ٽائون ڪميٽي گھارو ۾ منعقد ٿيل مجلس عذا ۾ حضرت علامه ايازحسين قُمي خطاب ڪندي چيو ته شهيدن تي الله طرفان رحمت آهي انهن لا دعاگهرڻ ضروري ناهي ڪربلاجي ميدان ۾ حضرت حسين جي لشڪر جو پاڻي بند ڪيوويواتي به مسلمان هئا هتي به پنجاب اسانجو وڏو ڀاءُ آهي هتي به سنڌ جو پاڻي بندمسلمان پياڪن اها سڌي سئين يزيديت آهي. سنڌ جو زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ َقبضو ڪيون پيون وڃن سنڌ ۽ فلسطين ۾ ٿورو فرق آهي اتي يهودين فلسطين تي قبضو ڪيو آهي هتي مسلمان حاڪمن قبضوڪيو آهي.محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاھ بعد پهريون وار سنڌ تي اهو ٿيو ته سنڌي سمنڊ جو نالو بدلي ڪري عربي سمنڊ رکيو ويو اهو تاريخي وار ٿيو سنڌسان ظلم ڪيوويو. ايران هڪ ننڊڙو ملڪ آهي حسين جو پوئلڳ آهي اڪيلو وڙهي پيو اڄ حق جي فتح آهي دنيا حمايت پئي ڪري ايران جي ڇو ته ايران حق تي آهي.شهيدبشيرخان قريشي ۽ شهيدمشتاق احمدخاصخيلي ڌرتيءَ جو وجود بچائڻ لاء شهيدٿي امر ٿي ويا آھن جيڪي صدين تائين سنڌکي يادرهندا.
امام حسين حق ۽ باطل جي جنگ ۾ شهيد ٿي جنگ کٽي ويو شهيد بشيرخان قريشي ۽ شهيد مشتاق خاصخيلي به حق جي خاطر شهيد ٿي امر ٿي ويا, حق جي فتح آهي اڄ سنڌ مظلومن سان گڏ بيٺل آهي ڇو ته سنڌ سوين سال خودمختيار رهي وري قبضي هيٺ آئي ۽ وري وسيلن جي جدوجهد ڪندي ميدان عمل ۽ جدوجهد ۾ آهي.حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان نفرتون وڌنديون انڪري حڪمرانن کي سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪري حق جا فيصلا ڪري نئين تاريخ رقم ڪرڻ گهرجي.ان موقعي تي جسقم اڳواڻ عادل شاھ پيرگلزار شاهه جيلاني، اياز شاھ جيلاني ، ذوالفقار خاصخيلي ،غلام حسين خاصخيلي ،بابو لاشاري.جسقم ڪارڪنن صحافين سميت عام شهرين ۽ عزادارن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button