دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

دادو نيو سبزي منڊي لڳ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ڏنڊا ڪھاڙيون لڳڻ ڪري مرد عورتون زخمي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

دادو نيو سبزي منڊي لڳ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ڏنڊا ڪھاڙيون لڳڻ ڪري مرد عورتون زخمي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ سليم سولنگي، امجد، مسمات سردارن، ماجده، مريم، حسنا، خوشبو سولنگي ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪري دانھيو ته مورو واسي جاويد سولنگي، نادر، نواب علي، حيدر سولنگي ۽ ٻين سان ڏي وٺ جي مٽي مائٽي ٿيل آهي پر اسان کي ڏنل ناري ھنن پاڻ وٽ ويھاري ڇڏي بار بار برادري جي معززين وٽ شڪايت تي جوابدارن ھٿيار کڻي گھر تي حملو ڪري ڏنڊا ڪھاڙيون ھڻي شديد زخمي ڪيو آهي، ھنن چيو ته اسان ڏي وٺ جي مٽي مائٽي ختم ڪرڻ چاھيون ٿا، ھنن ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ايس ايس پي دادو مان ڪابه اميد نه آهي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button