سنڌ جون خبرونقومي خبرون

محرم الحرام جي آمد – پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل فليگ مارچ

شڪارپور

محرم الحرام جي آمد – پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل فليگ مارچ

محرم الحرام جي مقدس مهيني جي آجيان جي سلسلي ۾، ضلعي شڪارپور ۾ امن، ڀائيچاري ۽ سڪيورٽي جي فضاء برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ سنڌ رينجرز پاران گڏيل فليگ مارچ جو اهتمام ڪيو ويو.

ايس ايس پي شڪارپور جناب شاهزيب چاچڙ جي خاص هدايتن تي فليگ مارچ عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد شهرين ۾ اعتماد جو جذبو وڌائڻ، تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ سماج دشمن عنصرن کي چٽو پيغام ڏيڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهن.

فليگ مارچ جي اڳواڻي ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڊي ايس آر رينجرز، انچارج ڊي آءِ بي سيد شاه جهان شاه، ايس ايڇ او لکيدر، ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج، ايس ايڇ او نيو فوجداري، مددگار اسڪواڊ، ٽريفڪ پوليس ۽ سنڌ رينجرز ۽ پوليس جي جوانن به پڻ شرڪت ڪئي.

فليگ مارچ جو آغاز ايس ايس پي آفيس شڪارپور کان ڪيو ويو، جيڪو جهاز چوڪ، جماڻي هال، لکيدر چوڪ، گڙهي موڙ چوڪ، سبزي منڊي، الله والا چوڪ، رستم موڙ چوڪ ۽ ڪندن چوڪ کان ٿيندو ٻيهر ايس ايس پي آفيس تي پڄاڻي تي پهتو.

ان موقعي تي ڊي ايس پي ميڊم پارس بکراڻي چيو ته : “محرم الحرام دوران ضلعي شڪارپور ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر طرح سان تيار آهن، ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل قدمن تي اڳواٽ عمل ڪيو ويو آهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button