دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ ضلع ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز مومنٽ جو اسلام آباد م نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪنڌڪوٽ
ضلع ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز مومنٽ جو اسلام آباد م نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج
ضلع ڪشمور سميت سڄي لاڙ علائقي ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا براءِ تاوان، ڀتاخوري، ڌاڙيل راڄ ۽ معصومن جي بيگناهي شهادتن خلاف آل پارٽيز مومنٽ پاران اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب آڏو هڪ شاندار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ۾ مختلف سياسي، سماجي، قومپرست ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھيدن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري دوران ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيندڙ بيگناھ شهرين جي قاتلن جي گرفتاري، مغوي ماڻهن جي بازيابي ۽ ڪشمور سميت سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ زور ڀريو ويو.
احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا پيا هئا، جن تي "ڌاڙيل راڄ بند ڪريو”، "شهيدن جي خون سان انصاف ڪريو”، "اغوا، ڀتاخوري بند ڪريو” ۽ "ڪشمور کي امن جو گهوارو بڻايو” جهڙا نعرا لکيل هئا.
مقررن چيو ته سنڌ جي هن اهم سرحدي ضلع کي دانستي طور بدامني جي ور چاڙهيو ويو آهي، جتي اغوا، ڌاڙيلن جي راڄ ۽ بيگناھن جي قتل عام خلاف حڪومتي ادارا مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت فوري طور تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتا آپريشن ڪري، بيگناھن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ امن قائم ڪيو وڃي.
احتجاج بعد اڳواڻن پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ويو ته جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا، احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ۽ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ آواز اٿاريو ويندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button