سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٺٽو هيومن رائٽس ڪميشن آف سنڌ جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو اڄ ماڊل پوليس اسٽيشن ٺٽو جو دورو ڪيو

ٺٽو

هيومن رائٽس ڪميشن آف سنڌ جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو اڄ ماڊل پوليس اسٽيشن ٺٽو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي انساني حقن واري کاتي حڪومت سنڌ جي سرفراز احمد جمالي سميت ٻيا نمائندا پڻ ساڻس گڏ هئا.دوري دوران چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پوليس ۽ عام شهرين جي وچ ۾ اعتماد جو فقدان ختم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ لازمي آهي ته پوليس کي جديد ضرورتن مطابق تربيتي مرحلن مان گذاريو وڃي.اقبال احمد ڏيٿو خاص طور تي پوليس جي عورت عملي لاءِ به پيشه ور تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو، ۽ چيو ته اهڙن قدمن سان پوليس جو رويو عوام دوست بڻجندو، ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي به جلد ۽ مؤثر انصاف فراهم ٿي سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس کي هر سطح تي عوام سان سڌو رابطو مضبوط ڪرڻ گھرجي.ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خدا بخش بھراڻي، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ۽ انٽرنيشنل هيومن رائٽس موومينٽ وومين ونگ ضلعي ٺٽو جي صدر بيبي ياسمين شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر مھرين اقبال سومرو، ايڊوڪيٽ فرحان شمس ميمڻ، سماجي ڪارڪن زهره جاکرو، سينيئر صحافي بلاول سمون، مرزا اڪبر بيگ، ايس ايڇ او ٺٽو مظفر خالدي ۽ ٻيا معزز مهمان موجود هئا.
ان موقعي تي بيبي ياسمين شاهه، ايڊووڪيٽ فرحان شمس ميمڻ، خدا بخش بھراڻي، مهرين اقبال سومرو، بلاول سمون ۽ ٻين انساني حقن جي ڀڃڪڙين، عورتن ۽ ڪمزور طبقن کي درپيش مسئلن ۽ پوليس جي روين بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.واضح رهي ته سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن سڄي صوبي ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي مؤثر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. ڪميشن پاران مختلف ضلعن ۾ پوليس سڌارن، عورتن جي تحفظ، اقليتن جي حقن ۽ ٻارن سان لاڳاپيل معاملن تي تحقيق، مشاورت ۽ تربيتي پروگرام باقاعدي طور تي منعقد ڪيا ويندا آهن

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button