خانپورمهر خانپورمهر ۾ پنج ڏينهن اڳ بمبلي مائينر ۾ ٻڏي ويل نينگر شاهزمان ملڪ نه مليو

خانپورمهر خانپورمهر ۾ پنج ڏينهن اڳ بمبلي مائينر ۾ ٻڏي ويل نينگر شاهزمان ملڪ نه مليو، وارث سخت پريشان، وارثن نينگر جي ڳولا لاءِ ڪيمپ لڳائي ڇڏي، ضلعي چيئرمين مير بنگل خان مهر ،اي ڊي ٽو ۽ ايس ڊي آبپاشي ڪيمپ تي پهتا جن وارثن کي ٻڏي ويل نينگر جي ڳولا ۽ واھ ۾ پاڻي بند ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، خبرموجب خانپورمهر جي شيخ محلي جو رهواسي 7 ورهين جو شاهزمان پٽ فرمان ملڪ پنج ڏينهن گهرن ڀرسان بمبلي واھ ۾ ڪري ٻڏي ويو هو، وارثن پاران مقامي ٽوٻن جي مدد سان نينگر واھ ۾ مسلسل ڳولا باوجود نينگر نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، وارثن موجب پنج ڏينهن کان اسان جو نينگر بمبلي مائينر ۾ ٻڏل آهي اسين پنهنجي مدد پاڻ تحت مقامي ٽوٻن جي مدد سان مسلسل واھ ۾ نينگر جي ڳولا ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو هن مهل تائين سندن ڪنهن به سار نه لڌي آهي، هنن چيو ته واه ۾ پاڻي جو وهڪرو به ناهي گهٽايو ،آبپاشي کاتي جي عملدارن کي دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر هن وقت تائين جو وهڪرو جيئن جو ٽئين هلي رهيو آهي، هنن چيو ته پنجن ڏينهن کان اسان جو ٻچڙو واھ ۾ ٻڏل آهي اسين انتهائي پريشان آهيون، هنن انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته واه ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽايو وڃي ۽ ريسيڪو جون ٽيمون گهرائي نينگري جي ڳولا ڪئي وڃي،ٻي صورت احتجاج سخت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن جنهن هنڌ تي نينگر بمبلي مائينر ۾ ٻڏي ويو هيو ان جڳھ تي وارثن پاران نينگر جي ڳولا ۾ مدد لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي آهي، جتي ضلعي چيئرمين مير بنگل خان مھر واھ پتهو ۽ ڪپ تي وارثن سان ويهي رهيو ۽ نينگر جي وارثن کان تفصيل ورتا، ان موقعي تي نينگر جي وارثن توڙي ڪامريڊ دودو مهر مير بنگل خان مھر کي واقعي بابت ڄاڻ ڏني، ميڊيا سان ڳالهائيندي مير بنگل خان مھر جو چوڻ هيو تہ نينگر جي ٻڏي وڃڻ وارو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي دلي صدمو پهتو آهي، هن چيو تہ نينگر جي وارثن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون، ڊي سي گھوٽڪي سميت انتظاميہ کي هدايتون ڏنيون آهن،آخر ۾ نينگر جي ڳولا لاءِ دُعا پِڻ گهري وئي،جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ماجد حميد شيخ وارثن پاران لڳايل ڪيمپ تي پهتو جنهن پڻ وارثن ٻڏي ويل نينگر جي وارثن کي نينگر جي ڳولا جي خاطري ڪرائي سندس چوڻ هو ته اسين ريسيڪو ٽيمن ڏانهن ليٽر لکيو آهي جلد نينگر جي ڳولا لاءِ ريسيڪو جو عمل شروع ڪرايو ويندو هن وڌيڪ چيو ته آئون نينگر جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن غلام مرتضي پتافي ڪيمپ تي پهچي بمبلي مائينر ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي واپس روانو ٿي ويو.