شڪارپور خيرپور جي راگي ۽ سنڌ جي ناليواري فنڪار شاھد علي ٻٻر کان رات دير سان محفل کان واپسي تي اڪري ٿاڻي جي حد ماڙي شاخ وٽان ھٿياربندن پاران موبائل فونون،سوني واچ،پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،

شڪارپور
خيرپور جي راگي ۽ سنڌ جي ناليواري فنڪار شاھد علي ٻٻر کان رات دير سان محفل کان واپسي تي اڪري ٿاڻي جي حد ماڙي شاخ وٽان ھٿياربندن پاران موبائل فونون،سوني واچ،پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،
تفصيل موجب : سنڌ جي ناليواري فنڪار شاھد علي ٻٻر ء سندس گڏ سازيندن کان رات دير سان محفل کان واپسي تي اڪري ٿاڻي جي حد ماڙي شاخ وٽان ھٿياربندن پاران موبائل فونون،سوني واچ،پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،ان موقعي تي سنڌ جي فنڪارن پاران مذمت ڪندي چيو آھي ته شاھد علي ٻٻر کان ڦر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا شاھد علي ٻٻر ھڪ بھترين فنڪار آھي،صحافي عبدالھادي سومرو پاران شاھد علي ٻٻر جي ڀاءُ وقار علي ٻٻر ۽ عارف جوکيو سان رابطو ڪرڻ تي عارف جوکيو تصديق ڪئي ته شاھد علي ٻٻر سان رات دير سان خيرپور ضلع جي ڪرونڊي واري علائقي اڪري ٿاڻي جي حد ماڙي شاخ وٽان ھٿياربندن پاران ڦر ڪئي وئي آھي،ٻئي طرف شاھد علي ٻٻر پاران ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته گزريل رات آء محفل پروگرام تان واپس اچي رھيو ھيس ته نامعلوم ھٿياربندن پاران گاڏي روڪي موبائل فونون،روڪ رقم،سوني منڊي،واچ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا،شاھد علي ٻٻر آئي جي سنڌ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آھي ته مون سان انصاف ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي،ھوڏانھن سنڌ جي فنڪارن پاران اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي،