سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سھٺيو محرم الحرام جي جلوسن جي روٽن جو معائنو ڪيو.

عمرڪوٽ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سھٺيو محرم الحرام جي جلوسن جي روٽن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاهه ۽ ٻين آفيسرن جي موجودگي ۾ عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ جلوسن جي روٽن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. دوري دوران ٻنهي آفيسرن سيڪيورٽي، صفائي، روشني، پاڻي ۽ ٻين شهري سهولتن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ته محرم الحرام دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
ان موقعي تي چيو ويو ته محرم الحرام جي جلوسن دوران امن امان، ڀائچاري ۽ فرقيوارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي. ضلعي انتظاميه مڪمل الرٽ آهي ۽ عزادارن کي ڪنهن به تڪليف کان بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا پيا وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سھٺيو ۽ چيف ميونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاهه چيو ته صفائي، نيڪالي آب ۽ ٻين سهولتن بابت مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن جلوسن دوران شهرين کي بھتر ماحول مهيا ٿي سگهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button