سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ  محرم الحرام جي سيڪيورٽي، ڪشمور پوليس جو فليگ مارچ، امام بارگاهن جو جائزو

ڪنڌڪوٽ
محرم الحرام جي سيڪيورٽي، ڪشمور پوليس جو فليگ مارچ، امام بارگاهن جو جائزو
تفصيل موجب:
محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو ۽ امام بارگاهن جو دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي سي ڪشمور آغا شير زمان پٺاڻ ۽ وِنگ ڪمانڊر رينجرز ڪرنل طلال اعجاز پڻ ساڻ هئا، فليگ مارچ ضلع جي حساس علائقن ڪنڌڪوٽ، بخشاپور ۽ بڊاڻي ۾ ڪيو ويو. اعليٰ عملدارن امام بارگاهن، مجلسن جي هنڌن ۽ جلوسن جي روٽن جو جائزو ورتو ۽ مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون، دوري دوران پوليس، رينجرز ۽ مڪاني انتظاميا کي واضح هدايتون ڏنيون ويون ته محرم الحرام دوران امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ايس ايس پي ڪشمور چيو ته سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو پيو وڃي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني طبقن سان رابطي ۾ آهيون، هن عوام کان به اپيل ڪئي ته هو امن جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ انتظاميا سان ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن محرم جا ڏينهن پرامن طريقي سان گذاري سگهجن

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button