سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ھيٺ لاِڙڪاڻو ۽

ڪنڌڪوٽ
محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ھيٺ لاِڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڊي آء جيز ۽ ايس ايس پيز سميت ملت جعفريه جي عھديدارن ۽ علامه صاحبان پاران شرڪت ڪئي جتي جعفريه الائنس پاڪستان ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي صدر فقير نظير احمد ميراڻي چيو ته اسان جو ضلعو مذھبي حوالي سان پيس ڦل آهي ھتي اسان شيعا سني پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۽ سندس ھڪ ٻئي سان تعاون ڪندا رھندا آھيون، ۽ کين ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي ٽيم ڏوھن تي ڪنٽرول ڪيو جتي ڪجھ امن جي فضا قائم ٿي آهي، جتي ايس ايس پي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جيڪي به امام بارگاهون ۽ روٽز آھن انھن جو دورو ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ملجس وحدت مسلمین جي ضلعي صدر مير فائق علي خان جکراڻي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي بريف ڪندي چيو ته پوليس ۽ رينجرز جو تعاون ھميشه سان ھوندو آھي ۽ سندس سنڌ ۽ بلوچستان سرحدي پٽي تي پڪٽ قائم ڪئي وڃي جتي ايس ايس پي چيو ته 5 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا آخر ۾ دعا خير گھري وئي، اجلاس ۾ شيعا علماء ڪائونسل جي ضلعي صدر جميل حيدر، جعفريه الائنس پاڪستان ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري فرمان علي الحسيني ،شيعا علماء ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري سائين گامڻ شاھ شرڪت ڪئي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button