دادو دادو ۾ بلوچ شوٽنگ والي بال اڪيڊمي خدا آباد پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان آل سنڌ نائيٽ شوٽنگ والي بال جي ٽورناميٽ

دادو دادو ۾ بلوچ شوٽنگ والي بال اڪيڊمي خدا آباد پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان آل سنڌ نائيٽ شوٽنگ والي بال جي ٽورناميٽ دادو جي تاريخي شھر خدا آباد ڀرسان ڳوٺ حمزو خان خشڪ ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ دادو، حيدر آباد، نوابشاھ، سکر، لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان مجموعي طور 14 ٽيمن حصو ورتو جن مان محبوب ڪلب حيدر آباد، سرور ڪلب ۾ سخت مقابلو ٿيو محبوب ڪلب حيدر آباد ميدان ماريندي ٽورناميٽ جي ٽرافي پنھنجي نالي ڪري ورتي نائيٽ ٽورناميٽ ۾ سنڌ جي مختلف شھرن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن تہ سيد مدد علي شاھ ۽ ڊاڪٽر قيصر جتوئي يونين ڪائونسلر خدا آباد جي چئيرمين عدنان نور خشڪ مھمان خاص طور شريڪ ٿيا ان موقعي تي سيڪريٽري آزاد خشڪ مھمانن کي آجياڻو ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپيون پھرائي ڀيلڪار ڪئي ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ سنڌ اسپورٽس بورڊ جا ٿورائتا آھيون جن جي تعاون سان تمام بھترين ٽورناميٽ ڏسڻ وٽان ملي آھي ھنن چيو تہ جتي راندين جا ميدان آباد ھوندا آھن انھن علائقن جون اسپتالون ويران ھونديون آھن صحتمند جسم لاء رانديون کيڏڻ تمام ضروري ھونديون آھن ھنن چيو اھڙي قسم جون رانديون ٿينديون رھن تہ جئين نوجوانن کي موقعا فراھم ٿي سگھن تہ اھي راندين جي ميدانن ۾ پاڻ ملھائين.